حدر واهه

حدر واهه: هيءُ واهه، ٿڌي واري نئن مان زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ کوٽايو ويو، جيڪو ڄامشوري ضلعي جي مول واري علائقي کان وهي ايندڙ ’ٿڌِي نئن‘ گنداکي کان پوءِ ديهه حدر واهه جي حدن مان گذري ڪراچي ضلعي ۾ داخل ٿئي ٿو. انهيءَ ديهه مان ڊيم کان پوءِ ٿڌي نئن مان هڪ ڇاڙ (شاخ) ڪونڪر نالي سان الڳ ٿئي ٿي. دُنبا ڳوٺ کان اڳ ۾ حدر واهه ٻيهر ٿڌي نئن سان وڃي ملي ٿو.
- تپي گڏاپ، تعلقي ڪراچيءَ جي هڪ ديهه جو نالو، جنهن جي پويان ’حدر واهه‘ کوٽايل آهي.


لفظ حدر واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو